نماز بندگي جو عظيم مظهر ۽ نمونو آهي

نماز جون حديثون Hadiths About Namaz Sindhi Screenshot
نماز جون حديثون Hadiths About Namaz Sindhi Screenshot
نماز جون حديثون Hadiths About Namaz Sindhi Screenshot
Update
Mar 27, 2023
Category
Installs
10,000+
Rate
0
حڪيم رب جيڪو به جذبو يا غريزو انسان اندر رکيو آهي، ته ڪائنات ۾ ان جي پوراءُ جو ڪو وسيلو به پيدا ڪيو آهي. جيڪڏهن انسان کي اڃ لڳي ٿي ته پاڻي کي پيدا ڪيو اٿس، جيڪڏهن بک آهي ته کاڌ خوراڪ به آهي. جيڪڏهن انسان ۾ جنسي جذبو رکيو ويو آهي ته ان لاءِ شريڪ حيات به تخليق ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن سنگهڻ جي قوت آهي ته سنگهڻ جهڙن شين کي به پيدا ڪيو ويو آهي.
انسان جي گهري احساسن مان هڪ لامحدوديت جي محبت، ڪمال ڏانهن لاڙو ۽ دائمي بقاءُ جو جذبو آهي. الله سائين سان رابطو ۽ سندس بندگي ان فطري لاڙي جو پوراءُ ڪري ٿي.
نماز ۽ عبادت، انسان جو ڪمال جي سرچشمي ڏانهن لاڙو، حقيقي محبوب ۽ لا محدود قدرت سان انس جي نشاني آهي. نماز بندگي جو عظيم مظهر ۽ نمونو آهي، ٻين عبادتن جي قبولت جو دارومدار به نماز تي ئي آهي.
نماز جي انهي اهميت کي نظر ۾ رکندي نماز بابت چاليھ حديثن جي هي ايپليڪيشين تيار ڪئي وئي آهي، ته جئين وڌ مان وڌ ان عظيم فرض ۽ واجب جي اهميت کي سڃاڻجي ۽ ان جي ادئگي سان دنيا ۽ آخرت جي ڀلاين کي حاصل ڪجي.
اميد ٿي ڪجي ته مومن حضرات وڌ مان وڌ ان مان لاڀ پرائيندا ۽ اسان جي هي ڪاوش اسان جي لاءِ آخرت جو ذخيرو بڻجندي.